حبيب نائچ

حبيب نائچ: حبيب الله نائچ غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور جو سياسي مدبر ۽ بهادر شخص ٿي گذريو آهي. غلام شاهه کيس محرم 1184هه/ مئي 1770ع ۾ ٺٽي جو ناظم مقرر ڪيو. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دؤر ۾ جڏهن 1189هه/ 1775ع ۾ مير بهرام خان قتل ٿيو ته ان وقت هيءُ درٻار ۾ موجود هو. هن ڪلهوڙن جو طرف ورتو ۽ مير صوبدار تي ڀرپور حملو ڪيائين. حبيب نائچ آخر تائين ڪلهوڙن سان وفادار رهيو.


لفظ حبيب نائچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو